خوبچند اينڊ سنز پبلشر ۽ بوڪ سيلر

خوبچند اينڊ سنز پبلشر ۽ بوڪ سيلر: سنڌ ۽ هند جي نامور ليکڪ ۽ اديب مسٽر خوبچند ٽي سڀاڳچنداڻيءَ، شڪارپور جي شاهي بازار ۾ هڪ دڪان ’خوبچند اينڊ سنز پبلشر ۽ بوڪ سيلر‘ جي نالي سان 1920ع ۾ کوليو هو، جيڪو ابتدا ۾ درسي ڪتابن جو دڪان هوندو هو، جنهن ۾ بعد ۾ ڪتاب وڪڻڻ سان گڏ ڇپائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو. لطف الله بدويءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ’نغمه مستانيه‘ ۽ ’جهامنداس ڀاٽيه‘ جو ڪتاب ’سائين قطب شاهه‘ به هن اداري شايع ڪرايا هئا، ان کان پوءِ هن ساڳئي نالي سان هڪ ٻيو دڪان جماڻي هال جي ڀرسان سبيل وٽ کوليو ويو هو. خوبچند تمام گهڻا جاسوسي چڪر وارا ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا، جنهنڪري کيس ’خوبچند جاسوسي چڪرن وارو‘ به ڪوٺيندا هئا. هن ادبي ڪتابن سان گڏ ڌرمي ۽ فلمي ڪتابڙا به شايع ڪرايا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو